ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڊائريا بي قابو، 5 مهينن دوران صوبي ۾ ڊائريا جا 4 لک 56 هزار 695 ڪيس سامهون اچڻ جو انڪشاف، رڳو حيدرآباد ڊويزن ۾ 2 لک  کان وڌيڪ ڪيس ظاهر، لاڳاپيل اختيارين پاران ڊائريا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ جي تصديق ڪندي رپورٽ صحت کاتي جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب هلندڙ سال مارچ مهيني کان 27 جولاءِ تائين سنڌ ۾ ڊائريا جي ڪيسن بابت اختيارين حوالي ڪيل رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڊائريا بي قابو بڻجي وئي آهي، رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته مارچ مهيني ۾ سنڌ اندر 37 هزار 280، اپريل ۾ هڪ لک 12 هزار 350، مئي مهيني ۾ هڪ لک 7 هزار 322، جون مهيني ۾ هڪ لک 7 هزار 479 ۽ جولاءِ مهيني ۾ 92 هزار 264 ڪيس سامهون آيا، رپورٽ موجب ته 5 مهينن اندر حيدرآباد ڊويزن ۾ 2 لک 3 هزار 140، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 4 هزار 113، سکر ڊويزن ۾ 3 هزار 140، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 48 هزار 823، شهيد بينظير آباد ۾ 47 هزار 495  ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 86 هزار 440 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.