ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گھروکاتي ڪاروبار کولڻ متعلق هڪ وڌيڪ ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڇنڇر واري ڏينهن تي هوٽل کولڻ جي حوالي سان وقت جي ڪا به پابندي نه هوندي، جڏهن ته آچر کان جمعي تائين هوٽلون ۽ ريسٽورنٽ رات جو 11 بجاءِ ساڍا 11 وڳي بند ٿيندا.