سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 2236 پولنگ اسٽيشنز قائم

0
175
سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن

سکر: سکر ڊويزن جي ٽنھي ضلعن سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ 2236 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آھن، جنھن ۾ 393 مرد، 393 عورت ۽ 1450 گڏيل طور تي پولنگ اسٽيشنس شامل آھن، جن مان 464 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 1199 حساس قرار ڏنيون ويون آھن

 سکر ۾ 650، گھوٽڪي ۾ 691 ۽ خيرپور ۾ 895 پولنگ اسٽيشون قائم ڪيون وين آھن، اھڙي طرح ڊويزن اندر 7644 پولنگ بوٿ جوڙيا ويا آھن جن ۾ 4018 مرد، 3626 عورتن لاءِ پولنگ بوٿ شامل آھن

سکر ۾ 2281، گھوٽڪي ۾ 2389 ۽ خيرپور ۾ 2974 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 464 پولنگ اسٽيشنس کي انتهائي حساس، 1199 حساس ۽ 540 پولنگ اسٽيشنس کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي

سکر ضلعي ۾ 124 انتهائي حساس، 249 حساس ۽ 274 نارمل پولنگ اسٽيشنس هونديون، اهڙي طرح خيرپور ضلعي ۾ 212  انتهائي حساس، 419  حساس ۽ 266 نارمل پولنگ اسٽيشنس هونديون

گهوٽڪي ضلعي ۾ 128  انتهائي حساس، 531 حساس  پولنگ اسٽيشنس هونديون، مجموعي طور تي سکر ۾ 647، خيرپور ۾ 897 ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 659 مجموعي طور پولنگ اسٽيشنس قائم ڪيون ويون آهن

مجموعي طور تي 12767 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا، اهڙي طرح ڊويزن اندر 1509 رينجرز جا جوان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا