سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ هٽائي وئي

0
188

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انٽرنيٽ تان ويب سائيٽ هٽائي ڇڏي آهي. 3 جون تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل درخواستن تي تفصيلي فيصلي ۾ ويب سائيٽ هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو. پنجن ڏينهن بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن عدالتي فيصلي تي عمل ڪندي ويب سائيٽ کي هٽائي ڇڏيو.