نيوسعيدآباد: عورت جي آپگهات جو ٻڌي نوجوان به خودڪشي ڪري ڇڏي

0
251

نيوسعيدآباد: ڳوٺ پريو بھڻ ۾ 6 ٻارن جي ماء 30 سالا پروين زال پنھل بھڻ گھر اندر ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي نيوسعيدآباد شھر ۾ موجود 20سالا نوجوان حب علي بھڻ ھلندڙ بس اڳيان پاڻ ڇڏي پنھنجي زندگي جو خاتمو آڻي ڇڏيو ٻنھي جا لاش تعلقاآسپتال نيوسعيدآباد آندا ويا آھن. علائقي ۾ چوٻول آھي ته ٻنھي ۾ لاڳاپا ھئا، مھڻا ملڻ ۽ الزام لڳڻ تي عورت خودڪشي ڪئي. اطلاع ملڻ تي نيوسعيدآباد ۾ موجود نوجوان به خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻنھي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي ٻئي طرف فوتي عورت جي ڀاء صدام حسين زرداري چيو آھي ته منھنجي ڀيڻ کي ماريو ويو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.