هڪ ارب جي جعلسازي ڪندڙ پيءُ، پٽ ۽ ڀائيٽي جي ضمانت رد

0
200

ڪراچي: ڪراچي جي جڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت هڪ ارب رپين جي جعلسازي ۾ ملوث پيءُ، پٽ ۽ ڀائيٽي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ ڌرين جي وڪيلن جا دليل ختم ڪرڻ بعد فيصلو ڏنو. جوابدارن ۾ رفيق ڀوجاني، زين ڀوجاني ۽ مزمل ڀوجاني شامل آهن. ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد ايف آءِ اي ٽنهي جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ملزمن خلاف 1 ارب رپين جي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪيو هو، مٿن الزام آهي ته هنن جعلي اليڪٽرانڪ ڊيٽا استعمال ڪندي پاڪ چين فرٽيلائزر ڪمپني جا شيئرز غير قانوني طور تي منتقل ڪيا هئا.