سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات

0
364

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وسڪارو، ڪاڇي ۽ ڪوهستاني علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات، واهي پانڌي، قصبو، ڊرگهه بالا ۽ ٽنڊو رحيم سوڌو آسپاس جي علائقن ۾ ڳڙي سان برسات بعد موسم خوشگوار، رني ڪوٽ، آمري ۽ کاڻوٺ ۾ ڳڙي سان برسات، ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو.