ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت 10اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ تازو 18هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 6 اي ڊي  سيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن، خيرپور جي اي ڊي سي کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب علي شان ملڪ کي اي سي شهدادڪوٽ، فهد اعجاز کي اي سي ڪوٽ غلام محمد، جنيد عالم کي اي سي سڪرنڊ، محمد طلحه کي اي سي سانگهڙ، اسامه اسد کي اي سي باقراڻي، وقاص ملوڪ کي اي سي ڪنڊيارو، غضنفر شاھ کي اي سي سنجهورو مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ڪشمور جي اي ڊي سي ٽو علي رضا کي بدلي ڪري اي سي ڪشمور مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف خيرپور جي اي ڊي سي اقبال حسين کي عهدي تان هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هوڏنهن اي سي ميرپورخاص محمد يونس کي بدلي ڪري اي سي حسين بخش مري، اي سي ڪنري محمد حسين کي بدلي اي سي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف تازو 18هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ  اياز سومرو کي اي ڊي سي ون ڪشمور، ارشد ابراهيم کي اي ڊي سي ٽو ميرپورخاص، سهيل سومرو کي اي ڊي سي ون لاڙڪاڻو، نظير ميمڻ کي بورڊ آف روينيو ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرپورخاص،عبدالغفور ڌامراهه کي ڊپٽي ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي ڪمشنر آفيس شهيد بينظير آباد، عبدالوهاب لاڙ کي ڊپٽي ڊائريڪٽر اي اينڊ آءِ سکر، سجاد حيدر قادري کي اي ڊي سي ون شڪارپور، سليم جتوئي کي اي ڊي سي ون شهيد بينظير آباد ۽ عبدالڪريم کي اي ڊي سي ون سکر مقرر ڪيو ويو آهي.