ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ اوڀر کان اڄ برساتي سلسلو داخل ٿيڻ جا امڪان آهن، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اڄ شام ڌاري اوڀر طرف کان برساتي سلسلو داخل ٿيندو، جنهن دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، نوابشاهه، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿيندو، جڏهن ته سڀاڻي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي، بدين ، ٺٽي، سجاول، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص سميت ٻين ضلعن ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي، موسميات کاتي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته برسات  دوران هيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهي به سگهي ٿو.