ڪراچي(رپورٽ: فقيرسليم ) اليڪشن ڪميشن  ٿر پارڪر ۽ جيڪب آباد  جي  ڊپٽي ڪمشنرن جي ڪيل بدلين جو نوٽيس وٺي سنڌ سرڪار کي آرڊر رد ڪرڻ لاءِ  خط لکي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ڊائريڪٽر پرويز ڪلهوڙي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾  مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو اڃا مڪمل ناهي ٿيو،  انهي دوران ڪنهن به آفيسر جي مقرري ۽ بدلي تي پابندي آهي، انتهائي ضروري بدلي لاءِ به اليڪشن ڪميشن کان منظوري وٺڻ ضروري آهي پر پهرين آگسٽ تي ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو کي بدلي ڪري صحت کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جيڪب آباد جي ڊي سي عبدالحفيظ سيال کي وري  ٿرپارڪر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، اهي آرڊر فوري طور واپس ڪيا وڃن، واضح رهي ته جيڪب آباد ۾ محمد يوسف شيخ کي ڊي سي مقرر ڪيو ويو هو.