روهڙي (ن پ ا) روهڙي پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر جي ترجمان موجب ته رات دير سان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار اسد علي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس ساٿي جوابدار فرار ٿي ويا، زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول،ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. جوابدار پوليس مقابلي، موٽرسائيڪل ڦر ۽ چوري سميت ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي.