ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ فيس بڪ تي تصويرون رکڻ تان تڪرار تيز ٿي ويو آهي،  گوليون لڳڻ ڪري 2 ڄڻا مرڻينگ  ٿي پيا. ان ڏس ۾ ميهڙ باءِ پاس ڊگري ڪاليج جي سامھون چانڊيا ۽ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ وسايو جانوري جا رهواسي ممتاز عرف پٺاڻ جانوري ۽ سعيد جانوري زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي طبي امداد بعد کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو زخمين جي وارثن ٻڌايو ته جوابدارن امير چانڊيو ۽ مير چانڊيو بلا وجه جي گوليون هڻي اسان جي ٻه نوجوانن کي مرڻينگ ڪيو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي لوليس موجب چانڊيا ۽ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ھلندڙ ھو جنھن سبب ھي واقعو پيش آيو آھي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون ھوڏانھن معلوم ٿيو آھي تہ فيس  بوڪ جي فيڪ آء ڊي ذريعي ڦوٽو ۽ غلط ڪمينٽس ڪرڻ تان تڪرار ٿيو هيو جنهن تان اڳ به ان مسئلي تان جهيڙو ٿيو ھو جنهن تي ڌرين جا هڪ ٻئي تي ڪيس به هلندڙ آھن جڏهن ته اھا فيڪ آء ڊي بلاڪ ڪرائي وئي هئي.