سکر (بيورو رپورٽ) پ پ  اڳواڻ خورشيد شاھ جي پٽ جي بنا مقابلي ڪاميابي  رد، عدالت تحريڪ انصاف جي اميدوار جو رد ڪيل نامزدگي بحال ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي اڳواڻ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي  پٽ زيرڪ شاهه کي سکر جي نثار صديقي ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 تان وائيس چيئرمين جي سيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏيڻ خلاف سکر بهار ڪالوني جي رهواسي اصغر علي ٽانوري سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته هن زيرڪ شاھ جي حق ۾ ھٿ ناھي کنيو، ان جي باوجود مخالف اميدوار کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان ڪري سندس نامزدگي فارم بحال ڪري کيس جمھوري طريقي سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ اليڪسن ڪميشن طرفان زيرڪ شاھ کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏيڻ وارو فيصلو رد ڪيو وڃي. ڪالهه عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي خورشيد شاهه جي پٽ زيرڪ شاهه جي بنا مقابلي ڪاميابي رد ڪندي تحريڪ انصاف جي اميدوار اصغر علي ٽانوري جو رد ڪيل نامزدگي فارم بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.