گهوٽڪي(رپورٽر)ڌاريجا ڀائرن کي سياسي جهٽڪو، وڪيل اڳواڻ رستم لکڻ  ڌاريجا ڀائرن کي ڇڏي مهر گروپ ۾ شامل ٿي ويو. گذريل ڏينهن ايم پي اي راجا خان مهر وڪيل رستم لکڻ جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي هو ڌاريجا ڀائرن کان سياسي راهون جدا ڪندي مهر گروپ شامل ٿي ويو. وڪيل رستم لکڻ جو چوڻ هو ته ڌاريجا ڀائرن وٽ پراڻن ساٿين جي ڪابه اهميت نه رهي آهي، تنهن ڪري هن ڌاريجا ڀائرن کان سياسي راهون جدا ڪري ڇڏيون آهن.