حيدرآباد(رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ چيف فنانشل آفيسر حيسڪو حنا ٽالپر پاران سينارٽي لسٽ خلاف داخل درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بئنچ ۾ ٻڌڻي ٿي درخواست گذار حنا ٽالپر ڄاڻايو ته هو 2004ع کان حيسڪو ۾ نوڪري پئي ڪري پر سينارٽي لسٽ ۾ نالو مٿي ڏيڻ بدران آخر ۾ ڏنو ويو آهي، 2005ع دوران اسسٽنٽ مينيجر طور مقرر ٿيل  دين محمد ڪيريو جي وڪيل احسان گل ڏاهري عدالت کي آگاهي ڏني ته لسٽ کي چئلينج ڪندڙ حنا ٽالپر کي ڄام شورو پاور پلانٽ ۾ 2004ع دوران ملازمت ملي ۽ 2008ع دوران هن حيسڪو ۾ ضم ٿي اسسٽنٽ مينيجر طور ذميواريون سنڀاليون ۽ حنا ٽالپر اسسٽنٽ مينيجر طور مقرر ٿي پر هن وقت هو 18 هين گريڊ ۾ ڊپٽي مينيجر ۽ ساڳئي وقت سي ايف او به آهي، وڪيل ٻڌايو ته سينارٽي جي حساب سان دين محمد ڪيريو جو نالو مٿئين نمبر تي ان لاءِ آيو آهي جو هو سڌي ريت حيسڪو ۾ 2005ع دوران ڀرتي ٿيو ۽ حنا ٽالپر 2008ع ۾ ٻئي ڊپارٽمينٽ مان حيسڪو ۾ ضم ٿي، جڏهن ته ڊپٽي مينيجر دين محمد ڪيريو جي تاريخ پيدائش 1974ع آهي ۽ حنا ٽالپر جي پيدائش 1977ع جي آهي. حيسڪو ۾ نوڪري به پهرين دين محمد ڪيريو کي ملي ان لاءِ سندس نالو سينارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي رهڻ ڏنو وڃي.