حيدرآباد( بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بدامني وڌي وئي آهي،  ڦر دوران مزاحمت تي خانگي ڪمپني جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو. ان ڏس ۾ حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۾ ڦرلٽ جون 3 وارداتون پيش آيون هٽڙي جي علائقي چينل موري/ هالاناڪي روڊ تان ڦورو عمر نالي شخص کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا جڏهن ته اڻڄاتل ڦورن نعمان گارڊن جي مينيجر انيس ۽ پرويز کي هٿيارن جي زور تي 2 موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي ھوسڙي ڀرسان خان حويلي وٽ ٽنڊو محمد خان روڊ تي هڪ ڪمپني جي سوزوڪي جو ڊرائيور ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي زخمي ٿي پيو. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن سوزوڪي ڊرائيور ڪامران پٺاڻ کي روڪي کائنس ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن مزاحمت ڪئي. ڦورن کيس  گولي هنئي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. سوزڪي ڊرائيور زيل پاڪ ڪالوني هڪ بريڊ ڪمپني جو مال کڻي بدين وڃي رهيو هو جو ساڻس اهو واقعو پيش آيو.ڊرائيور ڪامران خان سان سيلز مين اعجاز اعواڻ به گڏ هو. ھٿياربند نقاب پوش هئا ۽ ڊرائيور کي گولي هڻڻ بعد فرار ٿي ويا.  مقامي ماڻھن زخمي کي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو.