سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ لڳاتار واڌ سبب تونسا، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ ٽن ڏينهن ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي
فلڊ فورڪاسٽنگ سينٽر طرفان جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌوءَ ۾ چاڙهه جاري رهڻ سان گڊو ۽ سکر بئراج تي وڏي ٻوڏ واري صورتحال جو خطرو آهي
ھي به پڙھندا
ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، رستن تي پاڻي بيھجي ويو
تونسا ۽ گڊو بئراج وٽ درياهه ۾ هن وقت وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، سکر بئراج وٽ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي
فلڊ فورڪاسٽنگ سينٽر موجب 19 آگسٽ تائين سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پونديون، انتظاميا شهري ٻوڏ جي خدشي جي روشني ۾ اڳواٽ اپاءَ وٺي
ھي به پڙھندا