تونسا، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ جو خطرو

0
468
سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ لاٿ
سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ لاٿ

سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ لڳاتار واڌ سبب تونسا، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ ٽن ڏينهن ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي

فلڊ فورڪاسٽنگ سينٽر طرفان جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌوءَ ۾ چاڙهه جاري رهڻ سان گڊو ۽ سکر بئراج تي وڏي ٻوڏ واري صورتحال جو خطرو آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، رستن تي پاڻي بيھجي ويو

تونسا ۽ گڊو بئراج وٽ درياهه ۾ هن وقت وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، سکر بئراج وٽ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي

فلڊ فورڪاسٽنگ سينٽر موجب  19 آگسٽ تائين سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پونديون، انتظاميا شهري ٻوڏ جي خدشي جي روشني ۾ اڳواٽ اپاءَ وٺي

ھي به پڙھندا

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 22 اميدوارن جا ڊوميسائيل جعلي نڪتا