بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) ايل بي او ڊي جا علائقي تي پوندڙ اثر ء نقصان بابت رضاڪار تنظيم جي اڳواڻن نارائڻ داس ۽ ليلارام پاران جيم خانا ۾ سيمينار ڪرايو ويو. ايم پي اي بدين تاج محمد ملاح چيو ته ايل بي او ڊي بدين ضلعي جي ماڻھن لاء راڪاس بڻيل آھي ، ھن پراجيڪٽ کي حڪومت پاران بھتر ڪندڙ انجنيئر علائقي جي ماڻھن سان مشورو ڪرڻ کان سواء ڪم ڪندا ته ان منصوبي ۾ نقصان ضرور ٿيندا ،ھن چيو ته پنج مھينا اڳ تباھڪن برسات جو پاڻي ھاڪڙي جي وھڪرن کي بند ٻڌي روڪيو ويو ، پراڻ جي وھڪري کي روشن آباد وٽان ڪٽ لڳڻ سان وڏو نقصان ٿيو پر آر ڊي 211 کان ڪٽ لڳي ھا ته اڃان وڌيڪ نقصان ٿئي ھا ، ڇو ته شڪور ڍنڍ وٽان پراڻ جي وھڪري ۾ بيٺل پاڻي شڪور ڍنڍ جي سطح کان پندرنھن فوٽ مٿي بيٺل ھو . ھن کان اڳ وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار ويرجي ڪولھي چيو ته گذريل برساتن ۾ ماڻھون لاء روٽي روزي کان وڌيڪ سندن زندگين جي بچائڻ جو مسئلو ھو،ھن چيو ته وزير اعلي سنڌ جي ھائوس ۾ اسان مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ھو ان ۾ معلومات ملي پيئي ته ٿرپارڪر خاص طور ننگر جا 20 کان مٿي ٺاھيل ڊيم پاڻي ۾ ٻڏي اوور ٽاپ ٿيا ھئا ۽ انجنيئرن جي غلط منصوبابندي تحت ٺاھيل 3 ڊيم مڪمل ٽٽي ويا ھئا. پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀار چيو ته سنڌو سڀيتا جي شاندار ۽ سرسبز تھذيب جي اھڃاڻ سنڌو دريا جي وھڪرن کي بند ڪري 1969ع ۾ ايل بي او ڊي منصوبي جي غلط رٿا بندي ڪري لاڙ پٽ جي ھن علائقي کي تباھ ڪيو ويو ،1994ع ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي دوري بعد فورن ٽائڊل لنڪ ۽ چولري وير لڙھي ويئي ،شيخاڻي گھاڙي وٽان ايل بي او ڊي جو اولھندو ڪپ ٽٽي ويو، قدرتي وھڪرا بند ڪري آيل بي او ڊي وارو حصو اولھندي طرف غلط منصوبابندي تحت ٺاھي علائقي کي تباھ ڪيو ويو. پروفيسر اسماعيل ڪنڀار جھڏو ۽ حيات خاصخيلي جي تباھي جا منظر ٻڌائيندي روئي پيو ، پروفيسر طفيل چانڊيو چيو ته برساتن بعد ماڻھن جا لاش کڻڻ وقت اھڙي جاء نه ٿي ملي جتي لاش دفنايون، سيمينار کي نارائڻ ڪولھي ،ڊاڪٽرعديلا ۽ داڪٽر اوبيرا نظاماڻي خطاب ڪندي ايل بي او ڊي جي تباھي تي روشني وڌي.