4 فيبروري ورلڊ ڪينسر ڊي

0
166
4 فيبروري ورلڊ ڪينسر ڊي

  1993ع ۾ جنيوا سوئٽزرلينڊ ۾ يونين فار انٽرنيشنل ڪينسر سينٽر UICC پاران دنيا ۾ حد کان وڌيڪ انھي مرض جو ڦهلجڻ ۽ ماڻهن جي موت جي شرح جي وڌڻ سبب، انھي موتمار مرض جي ڄاڻ ڏيڻ، روڪٿام لاءِ اپاءَ وٺڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي انھي بابت آگاهي ڏيڻ جو سوچيو ويو.2000ع ڌاري UICC پاران اھو طئي ڪيو ويو ته ھر سال فيبروري جي 4 تاريخ کي پوري دنيا ۾ ورلڊ ڪينسر ڊي جي نالي سان ملھايو ويندو جنهن جو مکيه سبب اھو ھوندو ته ايندڙ سالن ۾ ڪينسر جي مريضن جي شرح ۾ گهٽتائي ڪرڻ، ماڻهن کي انھي بيماري بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏيڻ، صحيح علم پھچائڻ ته جيئن ماڻھن کي بھتر نموني آگاھي ملي سگهي.ڪينسر جا 100 کان وڌيڪ قسم آھن جنھن ۾ اسان جي جسم جا سيلز يا جيوگھرڙا ڪنهن نامعلوم سبب جي ڪري خودبخود تيزي سان مرندا ويندا آهن، انھي جڳھه يا حصي کي ختم و تباھه ڪري وري نئين طرز سان نئين جڳھه تي منتقل ٿيندا آهن.
ڪينسر جا مکيه سبب، بي سبب دوائن جو سائيڊ افيڪٽ، سگريٽ نوشي يا ٻين دونھن وارين نشي آور شين جو استعمال، گھڻي چرٻي وارا کاڌا کائڻ، وزن وڌڻ، پان گٽڪي يا ٻين تمباڪو وارين شين جو استعمال، روزانو ورزش نه ڪرڻ ۽ ٻيا به کوڙ سارا سبب آهن.

جسم ۾ ظاهر ٿيندڙ اثرات:

گھڻي عرصي کان گلي ۾ خارش رھڻ، مسلسل کنگهه رھڻ، کاڌو ڳڙڪائڻ ۾ مشڪلات اچڻ، جسم تي موجود ڪنهن ڳوڙھي جو وڏو ٿيندو وڃڻ، جسم جي مختلف حصن تان پاڻي يا رت وھڻ، جسم تي ترن جو وڌڻ، جسم جي رنگت جو تبديل ٿيڻ، جسم تي مسا وڌي وڃڻ، ڪنهن به زخم جو گھڻي عرصي تائين بھتر نه ٿيڻ، بک گھٽ لڳڻ، وزن گھٽ ٿيڻ، سڄو ڏينهن سستي ۽ ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ.

اسان کي اڄ جي ڏينهن ڇا ڪرڻ گھرجي:

ننڍي کان وڏي سطحن تي جاڳرتا مھم ھلائڻ، ميڊيڪل ڪئمپ ۽ سيمينار منعقد ڪرائڻ ۽ ٻيون لاڳاپيل سرگرميون ڪري ماڻهن تائين صحيح ڄاڻ پھچائڻ، صحيح ڄاڻ ۽ آگاهي ئي انھي موتمار مرض جو بھتر حل ۽ اپاءُ آهي.

)ليکڪ ھيلٿ سروسز اڪيڊمي اسلام آباد ۾ پبلڪ هيلٿ اسڪالر آهي)