سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد گھر پنھنجا ۾ چور ميھر ڪوش جي مينهن چوري ڪري رھيا ھئا، ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، فائرنگ ۾ ھڪ چور زخمي ٿي پيو،  ٻيا فرار ٿي ويا، ڀاڳين زخمي چور کي پوليس حوالي ڪيو . چور جي بشير لاشاري نالي سان سڃاڻپ ٿي. پوليس زخمي چور کي لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي وئي. ميھر ڪوش جي فرياد تي بشير لاشاري ۽ چار نامعلوم چورن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو .ذريعن موجب پوليس حيدر چانڊيو ۽ باھو ڪوش مان 3 ڄڻن کي لڪائي ڇڏيو آهي. ھوڏانھن  ميھر ڪوش ٻڌايو ته پوليس کي زخمي چور پڪڙي ڏنو آهي