الله سائين تو کي ڪلارڪ ڪندو، برسات متاثر جهوني عورت جي دعا تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين جا ٽهڪ نڪري ويا

0
382

ڪراچي: الله سائين تو کي ڪلارڪ ڪندو، برسات متاثر جهوني عورت پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين کي انوکي دعا ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو ۾  برسات متاثر عورت اسسٽنٽ ڪمشنر کي پنهنجو پٽ سڏيندي ۽ سندس پٺي ٺپيندي نظر اچي ٿي

 جهوني عورت پاران ڪلارڪ ٿيڻ جي دعا تي اسسٽنٽ ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي جا ٽهڪ نڪري ويا

اسسٽنٽ ڪمشنر برسات متاثر عورت جي سهائتا لاءِ فوري طور هدايتون جاري ڪري ڇڏيون