وڏي وزير طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم

0
329

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ وڌندڙمنشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو 28 هون اجلاس ٿيو، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، ڊي جي رينجرز ميجر اظهر وقاص، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سميت صوبائي وزيرن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرز شرڪت ڪئي

 وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ صوبي ۾ دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو، خاص ڪري عورتن، اقليتن ۽ ٻارن سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن، اُنهن کي هرگز برداشت نه ڪنداسين

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ منشيات سبب نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي، نشو واپرائيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ به ملوث آهن، فوري طور تي منشيات جي خاتمي لاءِ آپريشن تيز ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان مشروط ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: راڻا ثناءُ الله