ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ تي حملو ڪيوويو، حياتي کي خطرو آهي: پروين رند

0
325

دادو (رپورٽر) دادو ۾ هراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي پروين رند جي گهرڀاتين سميت بک هڙتال جاري آهي، دادو ۾ مبينا هراسمينٽ جو شڪار ٿيل شاگردياڻي پروين رند جي گهرڀاتين  سميت چوٿين ڏينهن به بک هڙتال جاري آهي

ان موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي پروين رند چيو ته ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ تي  گهر تي حملو ڪيو ويو، زندگي  کي خطرو آهي

پروين رند جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي نه ملڻ سبب دولتپور جي  عدالت ۾ پيشي تي نه وڃي سگهيس،  حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ناهي وئي

هن چيو ته پٺيان لڳل تصويرون توهان ڏسي سگهو ٿا ته مان آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي هن وقت تائين سيڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي، ڪنهن به مدد ناهي ڪئي

هن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مطالبو ڪنديس ته هن معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي، هڪ منهنجو نه پر سڀني نياڻين جو هي مسئلو آهي، هراسان ڪندڙ مک جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت جي ضمانت به رد ڪئي وئي آهي پر هن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو

هي به پڙهندا

اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو پنهنجي ذاتي گاڏي جوابدارن لاءِ استعمال ڪئي:ام رباب