اسلام آباد (بيورو رپورٽ) معيشت بحالي جو مشن، وفاقي حڪومت پاران جلد مني بجيٽ آڻڻ جو فيصلو، واپارين، دڪاندارن تي اضافي ٽيڪس لڳائڻ ۽ پيٽروليم ليوي 100 رپيا لٽر ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. وفاقي حڪومت معيشت بحالي جو منصوبو تيار ڪري ورتو ۽ جلد ئي قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائي ويندي. وفاقي حڪومت طرفان معيشت جي بحالي جي 10 ورهين واري گڏيل منصوبي مطابق ٽارگيٽڊ سبسڊي رڳو گهٽ آمدني واري طبقي کي ڏني ويندي، پيٽروليم شين ۽ گيس تي پيٽروليم ليوي 70 کان 100 رُپيا في ليٽر ڪرڻ، دڪاندارن ۽ واپارين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. صوبن کي منتقل ٿيندڙ فنڊز  گيس ۽ بجلي واري شعبي ۾ لائين لاسز سان سلهاڙجي ويندا. سومر ڏينهن قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل ان ڄاڻايل منصوبي موجب پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي راشننگ ذريعي جاري کاتن جو خسارو پورو ڪيو ويندو، رُپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر جو تعين مارڪيٽ جي بنياد تي ڪرڻ، رياستي ملڪيتي ادارن جي خانگائڻ، مقامي ۽ غيرمقامي قرض جي ري اسٽرڪچرنگ جي تجويز به ان منصوبي ۾ شامل آهي. منصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائي ويندي، مني بجيٽ منظور ٿيندي ئي آءِ ايم ايف پروگرام بحالي ۾ ايندڙ سمورين رنڊڪون ختم ٿي وينديون، ملڪي معيشت جي بهتري جو اِهو منصوبو دوست ملڪن سان شيئر ڪري اسٽرڪچرڊ سپورٽ گهري ويندي، انهن ملڪن ۾ چين، گڏيل عرب رياستون، سعودي عرب، قطر، يورپي يونين ۽ آمريڪا شامل آهن.