اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ايڪتا ڏهاڙي جو سج اڀرڻ شرط سياسي سماجي اڳواڻ  شهري، واپاري ۽ مختلف اسڪولن جا استاد توڙي شاگرد ريلين جي صورت ۾ پريس ڪلب پهتا، جتي اسڪولي شاگردن پاران وڏي انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته هزارين شهرين  امن جا پکي ڪبوتر اڏاري دنيا کي امن جو پيغام ڏنو، ريلين جي اڳواڻي ڪمليش ڪمار، گهنشام داس، ڊاڪٽر شنڪر لال، سهراب راهمون، عرفان راهمون، آزاد امام جنجهي، واشديو، فرحان انصاري ۽ ٻين ڪئي، مک تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايڪتا قومي عيد جو ڏهاڙو آهي، اڳواڻن چيو ته موسمي تبديلين سبب سنڌَ سخت متاثر ٿي آهي سنڌ  کي ٻيهر آباد ۽  خوشحال  ڏسڻ چاهيون ٿا.

ڪنري (ن پ ا) ڪنري شھر جي مک آمريڪن چوڪ کان ٽائيم نيوز جي سڏ تي گلن جھڙن معصوم ٻارن سميت سنڌ جي سپوتن، سياسي، سماجي اڳواڻن، استادن، ٽوپيون، اجرڪون، پٽڪا ۽ لونگيون پھري دوست محمد ميمڻ، فقير نواز سومرو، سيد محبوب شاھ، محمد ھارون ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ريلي ۾ شريڪ شاگردن پاران جھمريون هنيو ويو، جھڏهن ته انساني زنجير ٺاھي سنڌ امڙ سان محبت جو اظھار ڪيو ويو. ٻئي پاسي جسقم پاران ٻسٽان باءِ پاس کان ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن جي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن سنڌ امڙ جي انچ انچ جي حفاظت جو وچن ورجائيندي چيو ته سنڌ ھڪ شاھوڪار ديس آھي، جنھن جي پنھنجي ثقافت آھي ۽ اڄ جو ڏينھن اسان لاءِ عيد جو ڏينھن آھي.