لنڊن (م ڊ) اسڪاٽ لينڊ يارڊ لنڊن ۾ نواز ليگ جي قائد نواز شريف، مريم نواز ۽ ناصر بٽ تي قتل جي سازش جي الزامن جي جاچ جي شروعات ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ جو چوڻ آهي ته تمام شڪايتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، في الحال ڪا گرفتاري ناهي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن کان پڇاڳاڇا وارو عمل شروع ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي اسپيشلسٽ آپريشن ڪمانڊ يونٽ جو چوڻ آهي ته پاڪستان، ڪينيا ۾ قتل جي سازش بابت نومبر ۾ ڪيئي شڪايتون مليون، پوليس کي قتل جي سازش بابت پهرين شڪايت پنج نومبر تي داخل ڪرائي وئي.پوليس ذريعن موجب شڪايت ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز تي الزام مڙهيا ويا، پوليس شڪايت جو جائزو وٺي ڪو ايڪشن ناهي ورتو. ذريعن موجب يارنهن نومبر تي ٻيهر قتل جي سازش بابت شڪايت داخل ڪئي وئي، تسنيم حيدر وڪيل ذريعي 18، 19 هين نومبر تي قتل جي سازش بابت ثبوت ٻيهر پوليس کي ڏنا. نواز ليگ جي ترجمان هجڻ جي دعويدار تسنيم حيدر ليگي قيادت تي عمران خان ۽ ارشد شريف جي قتل جي سازش جا الزام مڙهيا هئا. تسنيم حيدر ۽ سندس وڪيل مهتاب عزيز دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس سندن شڪايت تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، تسنيم حيدر اها دعويٰ پڻ ڪئي هئي ته مهتاب عزيز اهم ثبوت پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پر ذريعن جو چوڻ آهي ته قتل جي سازش واري شڪايت تي اٽڪل هڪ مهينو گذري وڃن باوجود ثبوت نه هئڻ تي پوليس جاچ جي شروعات ناهي ڪئي، قتل جي سازش جي سنگين الزامن بابت ثبوت اعتماد جوڳا هجن ها ته پوليس ڪارروائي ڪري چڪي هجي ها.
تسنيم حيدر اها دعويٰ پڻ ڪئي هئي ته پوليس 24 کان 36 ڪلاڪن اندر ناصر بٽ کي گرفتار ڪري وٺندي.
تسنيم حيدر جي الزامن کانپوءِ ناصر بٽ جي حياتي کي امڪاني خطرن تي پوليس سندس گهر تي الارم ۽ سيڪيورٽي ڪيمرائون لڳرائي ڇڏيون آهن.