پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

0
39
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ملاقات ڪرائڻ جو حڪم عدالت طرفان بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ملاقات ڪرائڻ جو حڪم عدالت طرفان بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت طرفان بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل منتقل نه ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي بني گالا سب جيل مان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست جي ٻڌڻي هلائي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو ته 31 جنوري تي سزا کانپوءِ 141 عورتون جيل ۾ داخل ٿيون، توهان چوندا هئا ته جيل اوور ڪرائوڊڊ آهي

هن چيو ته توهان جو مطلب آهي ته رڳو سياست ٿئي، هڪ پاسي چئو ٿا ته جيل ۾ جڳهه گهٽ ۽ قيدي وڌيڪ آهن، ٻئي پاسي 141 عورتون جيل ۾ داخل ٿيون، توهان عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته گهرايو نه پنهنجي چيف ڪمشنر ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي، توهان سندرا ٻڌي بيٺا آهيو ته رول آف لا جي انڊيڪش ٻڙيءَ تي اچي وڃي

عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ  بي بي کي عيد جي موقعي تي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي