آبپاشي کاتي لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ريجن جي سوين بيلدارن ۽ داروغن جو چيف انجنيئر رائيٽ بينڪ خلاف احتجاج

0
47

آبپاشي کاتي لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ريجن جي سوين بيلدارن ۽ داروغن جو چيف انجنيئر رائيٽ بينڪ جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج جاري آهي

داروغن ۽ بيلدارن جي اڳواڻ عبداللطيف کوسو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته چيف انجنيئر سهيل بلوچ کي هٽائڻ تائين احتجاج جاري رهندو

 مظاهرين چيو ته چيف انجنيئر سهيل بلوچ بيلدارن ۽ داروغن جون مراعتون کائي ويو آهي، بدلين لاءِ به پئسا وٺي رهيو آهي

 عبداللطيف کوسو ۽ ٻين چيو ته چيف انجنيئر حفاظتي بندن، واهن ۽ شاخن جي ڪپرن کي پڪو ڪرڻ لاءِ مليل ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري ويو آهي،هيل طوفاني برساتون پيون ته حفاظتي بند ۽ شاخن جا ڪپر لڙهي ويندا

 بيلدارن ۽ داروغن ڪم ڇڏ هڙتال جو چتاءُ به ڏئي ڇڏيو، ٽائيم نيوز پاران بار بار رابطو ڪرڻ باوجود چيف انجنيئر سهيل بلوچ الزامن بابت ڪو به جواب نه ڏنو

پيپلزپارٽي جي ايم پي نادر خان مگسي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ريجن ۾ حفاظتي بندن، شاخن ۽ واهن جي ڪپرن جي حالت خراب آهي، بندن ۽ ڪپرن کي پڪو ڪرڻ لاءِ جوڳو ڪم نه ڪيو ويو آهي

لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ آبپاشي ملازمن جي احتجاج بابت ڳالهائيندي نادر مگسي چيو ته مظاهرين جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن، بندن ۽ شاخن جي ڪپرن جي خراب صورتحال بابت آبپاشي کاتي کي آگاهه ڪيو آهي

داروغن ۽ بيلدارن جي اڳواڻ عبداللطيف کوسو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته چيف انجنيئر سهيل بلوچ بندن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ لاءِ مليل ڪروڙين روپيا کائي ويو، هيل طوفاني برساتون پيون ته بند ۽ شاخن جا ڪپر لڙهي ويندا

 عبداللطيف کوسو چيو ته چيف انجنيئر سهيل بلوچ خلاف ڪارروائي تائين اسان جي ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهندي