صدر جي خطاب دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرز جهنگلي ڀولڙا هئا: بلاول ڀٽو زرداري

0
36
صدر جي خطاب دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرز جهنگلي ڀولڙا هئا: بلاول ڀٽو زرداري
صدر جي خطاب دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرز جهنگلي ڀولڙا هئا: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين پاران صدر جي خطاب دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرز جهنگلي ڀولڙا قرار ڏنو ويو آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو آهي، جهنگلي ڀولڙن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اپوزيشن جي ٻن ميمبرز جي معطلي ضروري هئي

هڪ مثال سيٽ ٿيڻ گهرجي ته پارليامينٽ جي رولز جي دائري ۾ رهي ڪم ڪيو وڃي، اپوزيشن وارا دائري ۾ رهي ڪم ڪندا ته آجيان ڪنداسين

پارليامينٽ هائوس ۾ آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس پ پ چيئرمين چيو ته اپوزيشن وارا هٿئين خالي آصفه کان ڊڄي رهيا آهن

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته حڪومتي قدمن باوجود ماني سستي نه ٿي آهي