دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم شهباز شريف

0
23
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين، امن امان خراب ڪرڻ وارِي هر ڪارروائي ناڪام بڻائي ويندي

وزيراعظم شهباز شريف لانڍي حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي

 قانون جي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته دهشتگردن سندن ئي ٻولي ۾ ڳالهايو ويندو، سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ جي امن ۽ ساک کي ڇيهو رسائيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ- جاپان لاڳاپا اهميت رکن ٿا، دشمن اهي لاڳاپا خراب ڪرڻ گهرن ٿا، پڪ آهي ته مڪروهه ڏوهه ۾ ملوث جلد قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران آءِ جي سنڌ کان لانڍي حملي جي جاچ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

مراد علي شاهه چيو ته پتو لڳايو وڃي ته دهشتگرد ڪير هئا، ڪٿان آيا ۽ سندن سهولتڪاري ڪنهن ڪئي