لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پهريون ڀيرو عورت مارچ

0
34
لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پهريون ڀيرو عورت مارچ
لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پهريون ڀيرو عورت مارچ

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي پهريون ڀيرو عورت مارچ ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي  ڏهاڙي جي حوالي سان پهريون ڀيرو عورت مارچ منعقد ڪيو ويو

گهرن کان سرحد تائين امن جي سري هيٺ عورت مارچ منعقد،ريلي ۾ عورتون  وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سنڌ، سنڌ سهائي آرگنائيزيشن ۽ ناري جمهوري  محاذ پاران عورت مارچ منعقد ڪيو ويو

آصفه ڀٽو پارڪ کان جناح باغ تائين ريلي ڪڍي وئي، عورتن سان گڏ خواجا سرا ۽ مرد به شريڪ ٿيا

اڳواڻن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ هن ملڪ ۾ عورتن سان اڄ به ظلم ٿي  رهيو آهي

اڳواڻن جو چوڻ هو ته عورتن کي اڄ به ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ٿو وڃي، جبري مذهبي تبديلي جي  ڪري عورتن کي ئي ڀوڳڻو ٿو پوي ٿو

هي به پڙهندا

نئون ديرو: ميرواهه کوکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان ناريون مارجي ويون