مراد علي شاهه طرفان زمينن جي الاٽمينٽ سميت نگران سرڪار جي سمورن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو اعلان

0
54

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوبي جون زمينون الاٽ ڪرڻ سميت نگران حڪومت جي سمورن پاليسي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 سي ايم هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت جيڪي به پاليسي وارا فيصلا ڪيا انهن تي نظرثاني ڪئي ويندي، سنڌ جون زمينون خانگي ڪمپني حوالي ڪرڻ بابت سي سي آءِ ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيو هو

هن چيو ته نگران حڪومت کي ايڏا وڏا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ئي نه هو، سنڌ ڪابينا جڙڻ بعد نگران سرڪار جا ڪيل فيصلا نظرثاني لاءِ ڪابينا آڏو رکيا ويندا، ايم ڪيو ايم سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ڪندي ته ان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون

مراد علي شاهه چيو ته ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار جو ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، سنڌ جي 44 لک 13 هزار خاندانن کي رمضان دوران 5-5 هزار روپيا ڏينداسين، سنڌ جي 60 سيڪڙو آبادي رمضان پئڪيج مان فائدو حاصل ڪري سگهندي

وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ذخيرا اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، وڏي وزير پاران سنڌ جي ڪنهن به علائقي لاءِ انٽيرير سنڌ جو لفظ استعمال نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي