مظفر ڳڙهه: گهرو اڻبڻت تان مڙس زال ۽ 7 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي ڇڏيو

0
32
مظفر ڳڙهه: گهرو اڻبڻت تان مڙس زال ۽ 7 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي ڇڏيو
مظفر ڳڙهه: گهرو اڻبڻت تان مڙس زال ۽ 7 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي ڇڏيو

پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾ عيد جي ٻئي ڏينهن مڙس سجاد زال ۽ 7 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو

 پوليس موجب جوابدار سجاد گهريلو نااتفاقي تي زال ۽ ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪيو

 پاڙيوارن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، پوليس موجب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدار فرار ٿي ويو آهي کيس گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن

پاڙي وارن موجب جوابدار سجاد بيروزگار هو  گهر ۾ اڪثر جهيڙو رهندو هو. گذريل ڏينهن جهيڙو ايترو وڌي ويو جو جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب سجاد درزڪو ڪم ڪندو هو پر سندس گهر واري ۽ هن جي وچ ۾ نااتفاقي هئي، جنهن کان تنگ اچي هُن ايڏو وڏو قدم کنيو. واقعي کان پوءِ قاتل پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو

پوليس موجب مقتول ٻارڙن جون عمرون 6 مهينن کان 8 سالن جي وچ ۾ هيون، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي