ٺٽو: شاهه نوراني جي زائرين سان حادثو، فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، تدفين

0
51
ٺٽو: شاهه نوراني جي زائرين سان حادثو، فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، تدفين
ٺٽو: شاهه نوراني جي زائرين سان حادثو، فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، تدفين

ٺٽو : بلوچستان جي حب واري علائقي ۾ شاهه نوراني روڊ تي زائرين سان ڀريل ٽرڪ اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيل زائرين جو انگ 18 ٿي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيلن جو انگ 40 کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي.

تفصيل موجب عيد جي ڏهاڙي بلوچستان جي ضلعي حب شاهه نوراني روڊ تي ڪراس ويراب ندين جي ڀرسان زائرين جي ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 18 زائرين فوت جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

شروعاتي طور تي فوتين ۽ زخمين کي حب ۾ واقع غلام قادر سول اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوت ٿي ويلن جا لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي ڪراچي سهراب ڳوٺ منتقل ڪيا ويا

فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي خرم ولد گل شير، 25 ورهين جي دين محمد ولد آچار، ان جو وڏو ڀاءُ 35 ورهين جو غلام نبي ولد اچار، 25 ورهين جو پيارو ولد گل ابو، 20 ورهين جو مشتاق ولد سلمان، 30 ورهين جو رحمان ولد عطار ۽ ٻيا شامل هئا

ايس ايڇ او مڪلي سب انسپيڪٽر شوڪت ۽ ڊي ايس پي مڪلي خوفناڪ روڊ حادثي جي اطلاع ملڻ تي انساني همدردي جي آڌار تي پهريان واقعي واري هنڌ پهتا جنهن کان پوءِ لاشن سان گڏ سهراب ڳوٺ اسپتال پهتا هئا

 هنن صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيندڙن جو تعلق ضلعي ٺٽي، مڪلي ڳوٺ قاسم جوکيو سان هو. سمورا ماڻهو عيدالفطر جي ڏينهن پاڻ ۾ پئسا گڏ ڪري علائقي مان هڪ ٽرڪ ڀاڙي تي وٺي 2 وڳي زيارت ڪرڻ شاهه نوراني وڃي رهيا هئا

شاهه نوراني حادثي جا 18 فوتي مٽي ماءُ حوالي، مڪلي ڀرسان ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ 18 فوتين جي اجتماعي تدفين، وڏو وزير مراد علي شاهه به جنازي نماز ۾ شريڪ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت

 علائقي  ۾ سوڳ جي لهر برقرار، 51 زخمين مان 40 ڄڻا طبي امداد بعد گهرن ڏانهن روانا ڪيا ويا، 11 زخمي سول اسپتال ڪراچي ۾ علاج هيٺ، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سول اسپتال آمد، زخمين جي عيادت

  صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان 18 انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، گذريل رات  ڳوٺ قاسم جوکيو جا رهواسي مڪليءَ کان  درگاهه شاهه نورانيءَ تي حاضري ڀرڻ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ تيز رفتاري سبب سندن ٽرڪ ڪلٽي ٿي کاهيءَ ۾ ڪري پئي هئي

جنهن جي نتيجي ۾خرم، دين محمد، پيارو، مشتاق، واحد، امين، سهراب،  محب علي، گلزار، جلال ۽ امام الدين سميت  18 ڄڻا فوت ۽ 51 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا