حيدرآباد ۾ گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيل نينگري جو لاش هٿ

0
42
حيدرآباد ۾ گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيل نينگري جو لاش هٿ
حيدرآباد ۾ گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيل نينگري جو لاش هٿ

حيدرآباد  ۾ 5 ڪلاڪن بعد گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي ويل نينگريءَ جو لاش  ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو

 پٺاڻ  ڳوٺ واسڻ 7 ورهين جي بشريٰ گذريل رات والدين سان گڏ لطيف آباد ۾ پارڪ پارڪ گهمڻ آئي هئي

 اکين ڏٺن شاهدن موجب نينگري گٽر نالي کي چئني طرفن کان ڏنل پٿرن مٿان گهمندي گٽر نالي ۾ ڪِري پئي

ريسڪيو عملي 5 ڪلاڪن جي ڪوشش بعد نينگريءَ جو لاش گٽر نالي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو

شهرين جو چوڻ هي ته ايڇ ايم سي انتظاميا پارڪ ٺيڪي تي ڏنو هو، ٺيڪيدار  تعميراتي ڪم نه ڪرايو، جنهن ڪري معصوم نياڻي جي جان ضايع ٿي وئي

هي به پڙهندا

ٺاروشاهه ڀرسان عيد ڏهاڙي گم ٿيل نينگري زيادتي بعد قتل، جوابدار فُل فراءِ