ٺاروشاهه ڀرسان عيد ڏهاڙي گم ٿيل نينگري زيادتي بعد قتل، جوابدار فُل فراءِ

0
82
ٺاروشاهه ڀرسان عيد ڏهاڙي گم ٿيل نينگري زيادتي بعد قتل، جوابدار فُل فراءِ
ٺاروشاهه ڀرسان عيد ڏهاڙي گم ٿيل نينگري زيادتي بعد قتل، جوابدار فُل فراءِ

ٺاروشاھ  جي ڪلهوڙا ڪالوني مان عيد ڏهاڙي گم ٿيل نينگري دعا سولنگي کي ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

 پوليس موجب نينگري دعا سولنگيءَ جي قتل ۾ ملوث جوابدار ضمير عرف ضمو سيال مقابلي ۾ مارجي ويو، مقتول نينگريءَ جي وارثن جي نشاندهي تي ڪيس داخل ڪيوويو

 جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران نوشهرو فيروز لنڪ روڊ ڀرسان ڪيلن جي باغ ۾ مقابلي دوران جوابدار ضمير عرف ضمو سيال کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

مارجي ويل جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، گذريل رات دير سان  7 ورهين جي  ٻارڙي دعا سولنگي جو ڪيلن جي باغ مان  لاش  هٿ آيو هو، پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نينگريءَ کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو هو