چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر ) سنڌ اندر اغوا وارداتن ۾ رڪارڊ واڌ، هلندڙ سال جي چئن مهينن دوران ٽن ضلعن مان 179 ماڻهو اغوا، ٽن ضلعن اندر ٻن هفتن اندر 19 ڄڻا 25 لک ڀنگ ڀري آزاد ٿيا، جڏهن ته 49 مغوي هن وقت ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن جنهن ڪري عيد جي موقعي تي به مغوين جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول آهي. پنهنجي اخبار پاران گڏ ڪيل تفصيلن موجب سنڌ ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، اغوا وارداتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، هلندڙ سال جي چئن مهينن دوران ٽن ضلعن مان 179 ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن، 49 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن. مغوين جي گهرن ۾ عيد جي موقعي تي به سوڳ وارو ماحول آهي، مغوين جون ونيون گهرن ۾ پاڪ ڪتاب لوڏي ورن جي واپسي جون دعائون گهرڻ لڳيون. سڀ کان وڌيڪ شڪارپور ضلعي جا 12 مغوي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهي، پوليس بيوس بڻيل نظر اچي پئي، ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ٿي سگهي. ڪشمور جا 11 ۽ گهوٽڪي ضلعي جي 7 مغوين سوڌو 49 مغوي آزاد ناهن ٿي سگهيا، مختلف ضلعن جا 49 مغوي ڳڙهي تيغي، شڪارپور ۽ سکر جي گڏيل ڪچي شاهه ٻيلي، گهوٽڪي جي ڪچي رونتي ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مڇي ٻنڊي ۽ دراني مهر جي علائقن ۾ ڏوهارين وٽ قيد بڻيل آهن. جن جي وارثن کان عيد جون خوشيون وسري ويون آهن ۽ سندن گھرن ۾ ڪھرام متل آهي. 2 ھفتا اڳ شڪارپور مان اغوا ٿيل معصوم نينگر مھربان ڀٽي، رستم ڀرسان اغوا ٿيل سئي گيس ڪمپني جا ملازم گلشير سيٺار ۽ عبدالستار سيٺار، ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڳوٺ الھورايو پھوڙ واسي عمران پھوڙ ۽ چنيسر پھوڙ، چڪ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عبدالواحد مهر موٽاڻي واسي 2 سئوٽ فريد ۽ عامر مهر، نوجوان منظور لاشاري، معشوق لاشاري، خانپور واسي بشير پھوڙ ۽ ثناءُ الله سومرو سميت 12 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن، ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان خان کان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪشمور جي ڪچي پهتل روشن نظاماڻي، هدايت نظاماڻي، لاڙڪاڻي واسي نور الدين کوکر، نوجوان صداقت جتوئي، سکر جي رفيق ڀٽي، ۽ خيرپور جي ناري تعلقي مان تتر وٺڻ ويندڙ ٻه سڳا سئوٽ محمد هاشم  ۽ فيضو ڦلپوٽو پڻ ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن. نينگر مھربان ڀٽي سميت اڪثر مغوين جي وارثن کان وڏو ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي،پوليس پاران مغوين جي بازيابي خاطر شڪارپور جي ڪچي ۾ ڪيتري ئي وقت کان وٺي ڊرامائي انداز ۾ آپريشن ته ھلندڙ آهي پر ان جو ڪو به کڙ تيل ناهي نڪري سگهيو، جڏهن ته ڏوهارين جي ٽولن پاران مجموعي طور 65 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، ٽنهي ضلعن مان ٻن هفتن اندر 19 مغوي گڏيل طور هڪ 25 لک ڀنگ ڀري آزاد ٿي گهر پهچي چڪا آهن. عيد جي موقعي تي به مغوي پنهنجي پيارن کان پري هوندا، ٽن ضلعن جي پوليس ڏوهارين آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي، ايس ايس پيز جي بدلين باوجود آپريشن ڪو خاص نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي.