اسلام آباد(بيورو رپورٽ) يوسف رضا گيلاني چيئرمين ۽ سردار سيدال ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجي ويا، عهدن جو قسم کڻي ورتو . حڪومتي اتحاد طرفان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جو سردار سيدال خان ناصر بنا مقابلي ڊپٽي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر طور ذميواريون انجام ڏنيون. سينيٽ اجلاس جي شروعات تي پي ٽي آءِ طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽ علي ظفر چيو ته جيستائين ڪي پي جا سينيٽر نٿا اچن، تيستائين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. تنهن بعد پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر طور نون چونڊيل سينيٽر کان حلف ورتو ۽ ميمبرن رول آف ميمبرز تي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر طور نون چونڊيل سينيٽرن کي حلف ورتو، جنهن کانپوءِ ميمبرن رول آف ميمبرن تي دستخط ڪيا. اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ 12.30 وڳي ٿيندي. سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ صبح 11 وڳي ٿيندي، ان ڪري ڪاغذ صبح 11 وڳي کان اڳ سيڪريٽري سينيٽ آفيس ۾ جمع ڪرايا وڃن. سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ حڪومتي اتحاد جي اميدوار سيدال خان ناصر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏهن ته ٻنهي اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪنهن به ڪاغذ جمع نه ڪرايا. ان کانپوءِپ پ جو يوسف رضا گيلاني ۽ ن ليگ جو سردار سيدال خان بنا مقابلي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا. پريزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين جي عهدي جو حلف ورتو جنهن کانپوءِ يوسف رضا گيلاني پنهنجي سيٽ سنڀالي ورتي ۽ ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر کان حلف ورتو. ان موقعي تي نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ فيڊريشن جي علامت آهي، سمورن ميمبرن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، پارٽي قيادت ۽ اتحادي جماعتن جو شڪر گذار آهيان. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سينيٽ جو اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.