اسرائيل-فلسطين تڪرار سڄي دنيا ۾ نفرت پکيڙي ڇڏي: آمريڪا

0
54
اسرائيل-فلسطين تڪرار سڄي دنيا ۾ نفرت پکيڙي ڇڏي: آمريڪا
اسرائيل-فلسطين تڪرار سڄي دنيا ۾ نفرت پکيڙي ڇڏي: آمريڪا

امريڪا چيو آهي ته اسرائيل-فلسطين تڪرار سڄي دنيا ۾ نفرت پکيڙي ڇڏي، اها نفرت دنيا لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، اسرائيل-فلسطين  تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي

امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته امريڪا سميت سڄي دنيا ۾ يهود دشمني ۽ مسلمان مخالف جذبا وڌي رهيا آهن، امريڪا ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، امريڪا ان تڪرار کي  جلد کان جلد ختم ڪرڻ ۽ هڪ جٽادار حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

ميٿيو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته  فلسطيني عوام سان مفاهمت لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو ڳولڻ اسرائيل جي سلامتيءَ جي مفاد ۾ آهي، اسرائيل-فلسطين تڪرار جو ٻه رياستي حل ڏسڻ ۾ مشڪل نظر اچي ٿو پر آخرڪار اهو ئي رستو آهي ۽ ان لاءِ اسان ڪوششون جاري رکنداسين

هن چيو ته هن تڪرار ۾ ڪنهن به ڌر کي غير انساني سلوڪ اختيار ڪرڻ جو لائسن حاصل ناهي، سڀ کان وڌيڪ بدترين ڳالهه اها آهي ته ٻنهي طرفن کان غير انساني سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي، امريڪا غير انساني سلوڪ جي سختيءَ سان  مخالفت ڪري ٿو