نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جون ڳالهيون جاري آهن، اهم مسئلا حل ٿيڻ باقي آهن: آءِ ايم ايف

0
35
نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جون ڳالهيون جاري آهن، اهم مسئلا حل ٿيڻ باقي آهن: آءِ ايم ايف
نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جون ڳالهيون جاري آهن، اهم مسئلا حل ٿيڻ باقي آهن: آءِ ايم ايف

آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جون ڳالهيون جاري آهن، اهم مسئلا حل ٿيڻ باقي آهن، پاڪستان گذريل 9 مهينن جي 3 ارب ڊالرز جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي ممڪن فالو اپ پروگرام بابت فنڊ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي

 ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ٿنڪ ٽينڪ ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان پنهنجو موجوده پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪري رهيو آهي

هن چيو ته ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪرنسي جا ذخيرا هاڻي وڌي رهيا آهن، پاڪستان  هڪ ممڪن فالو اپ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان ۾ اڃا به ڪيترائي مسئلا آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي