اسرائيل تي ايران جا حملا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب

0
40
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي

اسرائيل تي ايراني حملي کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

 اسرائيل جي درخواست تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس پاڪستاني وقت موجب هڪ وڳي ٿيندو

سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ اسرائيل چيو آهي ته ايران جو حملو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي

اسرائيل گذريل رات ايراني حملي تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي، اسرائيل طرفان ايران کي  حملي جو سخت جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو

 اسرائيلي سڪيورٽي ڪابينا ايراني حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي ڪابينا کي اختيار ڏئي ڇڏيا