ايران جا اسرائيل تي ڊرون حملا، فوجي اڏي کي نقصان

0
64

ايران جا اسرائيل تي ڊرون حملا، امريڪي عملدارن پاران اسرائيل تي ايراني حملي جي تصديق ڪئي وئي، حملن ۾ اسرائيل جي فوجي اڏي کي نقصان پهتو

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي ڊرون حملا ڪيا آهن، اسرائيلي جنگي جهازن جي ڏکڻ لبنان تي بمباري ڪئي
اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته هو هر صورتحال  جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ايراني ميديا موجب 50 کان وڌيڪ ڊرونز اسرائيل تي فائر ڪيا ويا، ايران پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

ايران چيو ته جيڪو به ملڪ اسرائيل لاءِ هوائي حدون کوليندو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، لبنان ۽ عراق فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون، ايران جي حملي بعد غزا مان اسرائيل جا جنگي جهاز نڪري ويا