ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت ڪنفرم

0
17

جڊيشل ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت ڪنفرم ٿي وئي آهي

اسلام آباد جي عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، جج طاهر عباس سپرا جاچ آفيسر کان پڇيو ته جوابدار پنهنجي گاڏيءَ مان هيٺ لٿو هو يا نه؟

جاچ آفيسر چيو ته اعظم سواتي پنهنجي گاڏيءَ ۾ موجود هو پر فٽيج ۾ ڪٿي به نظر نه آيو، جج پڇيو ته ڇا توهان کي اعظم سواتي جي ڪسٽڊي گهرجي؟

جاچ آفيسر جي انڪار تي عدالت اعظم سواتي جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي