مراد علي شاهه ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي اوڳاڙي پوري نه ٿيڻ تي ڪاوڙيل

0
20

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي اوڳاڙي پوري نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، مراد علي شاهه اوڳاڙين جو هدف پورو نه ڪري سگهندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 14 سئو 60 ملين روپين بدران رڳو 565 ملين روپين جي اوڳاڙي ٿي

صوبائي اوڳاڙين جي مد ۾ به 9 هزار 6 سئو 92 ملين روپين بدران رڳو 5 هزار 165 ملين روپين جي اوڳاڙي ٿي

وڏي وزير ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته اوڳاڙين جو هدف پورو نه ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سمورين ٽيڪسز کي آٽوميشن تي کڻي وڃي رهيا آهيون، کاتي جي ڪارڪردگي ۽ اوڳاڙي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون