سنڌ ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ ڪم ڪندڙ نجي ڪمپني اينگرو توانائي واري شعبي ۾ پنهنجا سمورا شيئر کپائي ڇڏيا

0
71

ڪراچي: سنڌ ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ ڪم ڪندڙ نجي ڪمپني اينگرو توانائي واري شعبي ۾ پنهنجا سمورا شيئر کپائي ڇڏيا

 لبرٽي پاور ڪمپني کي 33 ارب رپين ۾ قادرپور، ٿر ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جا شيئر وڪرو ڪرڻ واري معاهدي بعد اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکيو ويو

اينگرو ڪمپني جي سيڪريٽري پاران اسٽاڪ ايڪسچينج جي جي ايم کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اينگرو پاورجن قادرپور لميٽڊ جا 68.9سيڪڙو، اينگرو پاورجن ٿر جا 50.1سيڪڙو ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جا 11.9سيڪڙو شيئرز لبرٽي پاور هولڊنگ ڪمپني کي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب پاورجن قادرپور ساڍا 7 ارب، اينگرو پاورجن ٿر 21 ارب 4 ڪروڙ ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جا 6 ارب 21 ڪروڙ ۾ وڪري ڪري ڇڏيا آهن

جنهن جو معاهدو ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان اينگرو جي صدر غياث خان ڪمپني جي سمورن ملازمن کي ڪمپني جا شيئر وڪرو ڪرڻ بابت آگاھي ڏيڻ لاء ليثر پڻ لکي ڇڏيو آھي ـ جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اينگرو قادرپور پاورجن ۽ اينگرو پاورجن ٿر جي سمورن ملازمن کي ٻن سالن تائين ساڳين پوزيشن تي ئي رکيو ويندو ـ جڏهن ته سنڌ ڪول اينگرو مائيننگ ڪمپني جي ملازمن کي ان باڀت ڪا به تسلر ناھي ڪرائي وئي