بدين واسڻ ناري حيدرآباد ۾ مبينا بدترين تشدد بعد قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، موت کان اڳ رڪارڊ ڪيل وڊيوز وائرل

0
101
بدين واسڻ ناري حيدرآباد ۾ مبينا بدترين تشدد بعد قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، موت کان اڳ رڪارڊ ڪيل وڊيوز وائرل
بدين واسڻ ناري حيدرآباد ۾ مبينا بدترين تشدد بعد قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، موت کان اڳ رڪارڊ ڪيل وڊيوز وائرل

بدين جي ناري کي حيدرآباد ۾ مبينا تشدد ۽ قتل بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ لنواري شريف ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

عورت اَنا اُنڙ کي هفتو اڳ مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد لنواري شريف جي قبرستان ۾ دفنايو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته اَنا اُنڙ جي 17 سال اڳ سيتا روڊ واسي رفيق اُنڙ سان شادي ٿي هئي، مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي ناري 7 مهينا اڳ حيدرآباد ۾ ڀاءُ وٽ آئي هئي

صدام انڙ ڀيڻ کي گهر ۾ باندي بڻائي رکيو ۽ کائنس مبينا بدپيشو ڪرائيندو هو

ذريعن موجب هفتو اڳ عورت کي قتل ڪري لاش لنواري شريف ۾ دفنايو ويو، ناري جي سِر کان وٺي پيرن تائين سموري جسم تي تشدد جا نشان آهن

لنواري پوليس پاران ڄاڻ هجڻ باوجود معاملي کي لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

مقتولا جو موت کان اڳ ڏنل وڊيو بيان

مڙس ۽ مائٽن جي ظلمن جو شڪار ناري جو موت کان اڳ ڏنل بيان جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن

وڊيو ۾ ناري انا چيو ته خادم حسين اُنڙ زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ گرفتاري کان بچڻ لاءِ روڊ تي اُڇلي ويو

مقتولا وڊيو ۾ چئي رهي آهي ته منهنجي زندگي ختم آهي، ڀاءُ صدام اُنڙ ۽ چار ڀينرون آهن، مون کي ڪا خبر ناهي ته اُهي ڪٿي آهن

واقعي ۾ پوليس جو ڪردار

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بدترين جسماني استحصال ۽ تشدد بعد قتل ڪيل ناري جو واقعو هفتو اڳ پيش آيو هو، لنواري شريف پوليس کي معاملي جي ڄاڻ هئي پر خاموشي اختيار ڪئي وئي

وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ريشمان سانول گوپانگ ۽ شازيا احمداڻي انا انڙ کي بدترين تشدد ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي

عورت اڳواڻن وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين ۽ حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته مقتولا عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرائي سندس وڊيو بيانن جي روشنيءَ ۾ جاچ ڪري ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي