قمبر (رپورٽر) قمبر جي دينار ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب 12 سال جي نينگري عذره زخمي ٿي پئي، جڏهن ته ڪھاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب 45 سال جو صابر علي چانڊيو پڻ زخمي ٿي پيو، زخمين کي وارثن قمبر سول اسپتال منتقل ڪيو. محمد خان چانڊيو ٻڌايو ته صابر چانڊيو ميرڻ ماڇي مان ڳوٺ محمد حسن اچي رهيو هو ته ڳوٺ لونگ چانڊيو ۾ رھندڙ سندس ئي مائٽن روڪي مٿس حملو ڪري ڪھاڙين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو بعد ۾ ھٿيار بند ٿي ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ڏني،12 سال جي نينگري عذره ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال ۾داخل ڪرايو آهي. ھن ٻڌايو ته ڀر ۾ واقع ڳوٺ لونگ چانڊيو ۾ رھندڙ سئوٽن سان زرعي زمين جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جن حملو ڪري ظلم ڪيو آهي.