شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور پوليس جا مبينا مقابلا عدالتن ۾ چيلينج ٿيڻ لڳا، شڪارپور جي ماڊل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد طاهر ابڙو جي عدالت ڏيڍ مھينو اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل غلام مصطفيٰ عرف ننو سومرو جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، عدالت ۾ مارجي ويل نوجوان جي ڀاءُ ۽ ايڊووڪيٽ عقيل عباس سومرو عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته خانپور پوليس طرفان مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل غلام مصطفيٰ عرف ننو سومرو جي موت جا سرڪاري فرياد ۾ غلط بيان ڪيا ويا آھن، ننو سومرو جو پوسٽ مارٽم ۽ جانچ درست نموني ناهي ڪئي وئي، جنھن ڪري ننو سومرو جي موت جو وقت ۽ ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ قبرڪشائي ڪئي وڃي ته جيئن ھن کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو وقت ۽ سبب درست نموني معلوم ٿي سگھي، جنھن تي عدالت پاران خانپور ٿاڻي حد ۾ ڏيڍ مھينو اڳ پھوڙ لنڪ روڊ تي پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل غلام مصطفيٰ عرف ننو سومرو پٽ علي نواز سومرو جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، ان لاءِ ميڊيڪل بورڊ پڻ جوڙيو ويندو، مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ننو سومرو جي وارثن مطابق ھنن جي نوجوان کي بي ڏوھ قتل ڪيو ويو آھي، ھنن دانھيو آھي ته خانپور ۽ محمد آباغ پوليس ظلم ڪري اسانجي نوجوان کي ماري ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو، انصاف ڪيو وڃي، وارثن پوليس مٿان الزام ھڻندي چيو آھي ته پوليس مقابلي کان ڪجهه ڏينھن اڳ ننو سومرو جي ايس ايڇ او خانپور، سي آءِ انچارج ۽ ايس ايس پي جي پي او سان ملاقات ٿي هئي، جنهن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي ھليون ھيون، ياد رھي ته ڏيڍ مھينو اڳ غلام مصطفيٰ سومرو ۽ اصغر مارفاڻي کي خانپور ويجھو ھڪ لنڪ روڊ تي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوي ٰ ڪئي ھئي، جنھن جو ڪيس عدالت ۾ ھلي رھيو آھي.