مٽياري(رپورٽر) سيکاٽ پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ تي پوليس ست عورتن سميت چاليهن ڄڻن مٿان 3 الگ الگ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن، ڪيسن ۾ ڊيوٽي اٽڪاءَ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ منشيات سميت گرفتار ٿيل ماڻهن کي زبردستي پوليس قبضي مان ڀڃائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن ڪالهه صبح جي وقت سيکاٽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتار خلاف احتجاج ڪري قومي شاهراهه بلاڪ ڪيو هو، ڪيس ۾ مسمات سرهي، مسمات نسرين، مسمات خاتون، مسمات حضوران، حاجي خان، محسن، ڌڻي بخش، روشن، عندالرزاق ڪلهوڙو ۽ ٻيا شامل آهن.